SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تجريدي شاعري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تجريدي شاعري

(Abstract Poetry)

تجريدي شاعريءَ ۾ شين يا خيالن کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جو اهي حقيقت جي ابتڙ يا غير حقيقي لڳن. يعني اهي خيالي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون لڳن، پر اهڙن نظمن جي پس پرده ڪانه ڪا حقيقت يا مقصد ضرور هجڻ گهرجي. تجريدي نظم کي ڳجهارت جو انداز به چئي سگهجي ٿو. جيئن ڳجهارت جي ظاهري صورت هڪڙي هوندي آهي پر ان جو اندر ان جي ڀڃڻي يا اصل حقيقت لڪل هوندي آهي. ائين تجريدي نظم ۾ به اصل حقيقت نظم جي پس پرده لڪل هوندي آهي.يعني نظم جو بيان هڪڙو ۽ مقصد بلڪل جدا هوندو آهي. سنڌي تجريدي شاعريءَ ۾ پهريون نالو پيراڻي ڀنڀري (ڪلهوڙن جو دؤر) جو اچي ٿو، جنهن جي شاعري بيتن جي صورت ۾آهي، پر ان ۾ تجريديت جا رنگ ڀريل آهن جديد دؤر ۾ ملڪ نديم (1946-2010ع) تجريدي شاعريءَ جو نمائندو شاعر ٿي گذريو آهي.


Remember Me Also:

ڊاٻ

ذ. [ع. درم] سِڪي جو هڪ قسم ، پائي يا پيسي جهڙو هڪ سِڪو ، ڊم ، ڊٻُ، جيئن ”جي خزانا سو لُٽي ڪو، اهل دنيا جو هزار، ناهه تهڙو جوڙو ڏي، مسڪين ٿو هڪڙو ڊاٻ“ گُل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal